ڇُهي مُئي

ڇُهي مُئي

ڇُهي مُئي

ڇُهي مُئي (ناول): سنڌ هند جي نامور ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار خاتون ريٽا شهاڻيءَ جو هي اصلوڪو ناول آهي، جيڪو سنڌو پرڪاشن، پوني (انڊيا) پاران ڊسمبر 1995ع ۾ ڇپيو آهي. هن ناول ۾ ليکڪا هڪ ڪومل ڪليءَ (نينگريءَ) کي زندگيءَ جي طوفانن جو مقابلو ڪندي ڏيکاريو آهي. اُها نازڪ نينگري ’ڇُـهـي مُـئـي‘ (سُنيـتا) ٿـڙندي ٿـاٻڙندي، اُٿـنـدي ڪيئن وڌي ويجهي ۽ سامائجي ٿي. هي ناول هڪ ٻالڪا جي مڪمل ناري بڻجڻ جي ياترا آهي ۽ گڏوگڏ سندس پريم ڪهاڻي آهي. ڪرائون سائيز جي 148 صفحن جي هن ناول جي قيمت 50 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو